Ticker

6/recent/ticker-posts

مٺي:رپورٽ، صدام بجير 
وفاقي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ريلي جي صورت ۾ ڪراچي کان مٺي ۾ ڏياري جي موقعي تي مقرر ڪيل جلسي ۾ شريڪ ٿيا ريلي ۾ گڏ مخدومزاده زين حسين قريشي، سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ حليم عادل شيخ، ايم اين اي لعل مالهي، جئي پرڪاش لوهاڻو، ايم پي اي رياض حيدر، پي ٽي آءِ اڳواڻ حاجي نثار احمد آرائين، حاجي اصغر پلي، خان صاحب اڪبر پلي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. مخدوم شاهه محمود حسين قريشي ريلي جي صورت ۾ ڪراچي کان ڄامشورو، حيدرآباد، ميرپورخاص، شادي پلي، بچا بند، راجا رستي، عمرڪوٽ پهتو، جتي سندس شاندار استقبال ڪيو ويو.
مخدوم شاهه محمود قريشي مٺي ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ ايڊووڪيٽ لجپت سوراني پاران ڏياري جي موقعي تي منعقد ڪيل جلسي ۾ شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته ٿرپارڪر ۾ هندو برادري آزاديءَ سان ڏياري ملهائي رھي آھي ھر ڀر ۾ ڀارت جو شھر راجسٿان آھي جتي مسلمان ظلم جو شڪار ٿي رهيا آهن، ڪشمير ۾ محرم الحرام، عيد جي نماز تي پابندي لڳل ھوندي آهي. ڏياري جي ڏھاڙي تي آئون سموري هندو برادري مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. هندو برادري فيصلو ڪري ته ڇا هو نئون رستو چونڊڻ لاءِ تيار آهن، مان ٿر جي عوام جي حوصلا افزائي لاءِ آيو آهيان، گذريل اليڪشن ۾ منهنجي پولنگ اسٽيشنن کي باهه ڏني وئي. آئون ٿر ۾ قومي اسمبلي جي سيٺ لاءِ نھ آيو ھيس سيٽ مون وٽ اڳئي ئي موجود ھئي مان ٿر ۾ تبديلي جو جهنڊو بلند ڪرڻ آيو ھيس. عمران خان سنڌ جي عوام کي غلاميءَ جي زنجيرن مان آزاد ڪرائڻ چاهي ٿو، عمران خان محروم طبقن کي انصاف ڏيارڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي، عمران خان کي ھٽائڻ لاءِ هر حربو استعمال ڪيو ويو. عمران خان سنڌ جي عوام کي سھولتون ڏيارڻ چاھي ٿو.وزيراعظم جو چوڻ آهي ته هر روز نئين جهاد لاءِ نڪرندو آهيان، اهو جهاد پسماندگي، جهالت ۽ غربت جي خلاف ھوندو آهي. معاشي مشڪلاتون، رڪاوٽون ۽ سازشون آهن، دير آهي، پر اوندهه ناهي، هر اونداهي دور کان پوءِ روشني آهي، مان انهن جو شڪر گذار آهيان جن منهنجو ساٿ ڏنو، مان هر ان پورهيت جو شڪر گذار آهيان، ان ماءُ ۽ ڀيڻ جو جن مونکي ووٽ ڏنا. مخالفن کي ٻڌائڻ چاھيان ٿو تھ ڪيتريون ايف آءِ آر ڪٽيندؤ، ڪيترا سرڪاري ملازم مٽائيندؤ، ڪيترين زمينن تي قبضو ڪرائيندئو، حالتون ۽ وقت تبديل ٿيندا آھن. مان هارائڻ کان پوءِ هتي آهيان، سنڌ ۾ تبديلي نظر اچي رهي آهي، سياسي نظريو سنڌ ۾ تبديليءَ جو ڏس ڏئي رهيو آهي، پنهنجي صفن کي متحد ڪريو. اسان ٿرپارڪر ۾ صحت ڪارڊ ڏنا آهن ان سهولت سان هر خاندان کي 10 لک روپين تائين مفت علاج جون سھولتون ملنديون ، مان پنھنجي ھن تڪ جي عوام لاءِ هڪ ارب رپيا منظور ڪري اوهان جي اڳيان بيٺو آهيان. منهنجي ھن تڪ ۾ سنڌ حڪومت رنڊڪ بڻيل آهي.وزيراعظم گذريل ڏينهن شفاف پروگرام جو اعلان ڪيو هو، جنھن تحت ھر مستحق خاندان کي فائدو پھچندو.ڪرونا وبا دوران وفاقي حڪومت احساس ڪيش پروگرام شروع ڪري عوام کي 12 هزار رپين ڪيش ڏنا مان ارباب غلام رحيم کي پي ٽي آءِ ۾ شموليت تي مبارڪباد ڏيڻ لاءِ ٿر آيو آهيان، لجپت ڀيل نه سرمائيدار آهي ۽ نه جاگيردار، مان به لجپت ڀيل کي مبارڪباد ڏيڻ آيو آهيان. 

سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ حليم عادل شيخ مٺي ۾ ديوالي جي جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته اڄ ھن جلسي ۾ مودي کي پيغام ڏئي رھيا آھيون ته اسان جي ملڪ جو پرڏيهي وزير مٺي ۾ هندو برادري سان ڏياري جو تھوار ملهائي رهيو آهي جڏهن ته انڊيا ۾ مسلمانن تي ظلم ٿي رهيو آهي. سنڌ ۾ بلاول زرداري عوام تي ظلم ڪيو آهي، عوام جي حقن تي ڌاڙو هنيو آهي، هو بلاول هائوس ۾ ويهي يا ڪٿي، عوام کيس معاف نه ڪندو. ٿر ڪول جي ملازم دودو ڀيل جي قتل خلاف احتجاج ڪرڻ تي اسان جي ڪارڪن لجپت سوراڻي کي جيل ۾ وڌو ويو ۽ انکي تشدد جو نشانو بڻايو ويو. وفاقي حڪومت ٿر جي عوام کي صحت ڪارڊ ڏنو آهي جنهن تحت هر ماڻهو پنهنجو مفت علاج ڪرائي سگهي ٿو، 275 ارب رپين جي انشورنس ڪئي وئي آهي. اسان جي ڪارڪنن تي تشدد ڪندڙ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن تي لعنت ڏيون ٿا جيڪي سياسي غلام بڻيل آھن ٿر ۾ اسان جي ڪارڪنن کي تشدد جو نشانو بڻايو ويو، ٿر ۾ آر پلانٽس جي فنڊن ۾ وڏي ڪرپشن ڪئي وئي. پيپلز پارٽي سنڌ جي عوام تي ظلم ڪري رهي آهي، سنڌ ۾ اٽو 80 رپيا ڪلو آهي، پنجاب ۾ 55 رپيا ڪلو آهي، اهو سمورو پئسو زرداري گروپپ ڏانهن وڃي ٿو. سنڌ ۾ پيپلز پارٽي عوام کان سڀ ڪجهه کسي ورتو آهي، سنڌ جي عوام صحت، تعليم، صاف پاڻي سميت بنيادي سهولتن کان محروم آهي. جلسي ۾ پي ٽي آئي ايم اين اي جئي پرڪاش لوھاڻو، لال مالھي، رميش ڪمار وانڪواڻي، سميت ٻين اڳواڻن پڻ خطاب ڪيو.
#Star_TV
Star TV
STAR TV
STAR.COM
startv.com
Tharparkar
Thar news
Website


Web channel

Post a Comment

0 Comments