مار پوي اي موت اڻ مندائتو آئين،
گهايئي اهڙا گهوٽ جن جي مند نه هئي مرڻ جي ،
هون ته قدرت واري جو قانون آهي هن دنيا ۾ هزارين نه بلڪي لکين ماڻهو جنم وٺندا آهن ته وري لکين جي تعداد ۾ ماڻهو هن فاني دنيا مان الوداعي ڪري آخرت واري زندگي ڏانهن هليا ويندا آهن انهن مان اسان جو پيارو ڀائرن جهڙو ڀرم رکندڙ پيپلزپارٽي جو تعلقي ڏيپلو جو جنرل سيڪريٽري محمد خان بجير هن مختصر زندگي ۾ تيزي سان اڀرندڙ ستارو اسان کان هميشه لائي ڪومائجي ويو، جيڪو ڳوٺ واسين توڙي ٿرپارڪر جي ننڍن وڏن ڳوٺن سميت شهر واسين لائي هڪ ننڍڙي زندگي ۾ وڏو ڪردار سان گڏ محبتون ورهائيندڙ هر ننڍي وڏي سان انتهائي گهڻو پيار ڪندڙ شخص هر هڪ انسان دوست جو ڀائر ٿي دوستي جو ڀرم رکندڙ جيڪو اسان سميت اڄ پوري ٿر واسين لائي خواب بڻيل آهي، جيڪو وسارڻ هر ڪنهن جي وس ۾ ناهي، ڇو ته هن زندگي ۾ هر ساه واري شي کي موت ته ضرور ايندو پر جڏهن ڪي اهڙا اجنبي دوست جيڪو هر انسان جي دلين تي راڄ ڪرڻ وارا ايئن اوچتو پنهنجي ساٿين کي اڪيلا ڪري پاڻ هميشه لائي هن فاني دنيا مان الوداعي ڪري آخرت واري زندگي ڏانهن هليا ويندا آهن، اهي گهڙيون انهن دوستن لائي ايئن ٿي لڳنديون آهن ڄڻ زمين پيرن هيٺيان نڪري ويئي آهي، صرف اڪيلائي کانسوائي ڪجھ به نظر نه ايندو آهي ، محمد خان بجير ان وقت ارباب شاهي جي ڏکي دور ۾ سندس ڳوٺ جي هم خيال دوستن اعجاز بجير ، ساجد بجير ، حنيف بجير ،ڪاشف بجير ۽ ٻين سان گڏجي پيپلزپارٽي جي جهنڊي کي اٽل فيصلو ڪري هٿ ۾ کنيو ۽ پوي ان ڏکي دور ۾ نه صرف مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو پر هن معاشي حالتن کي نظر ۾ رکندي سياست کي عبادت سمجهي ڪم شروع ڪيو، سياست سان گڏ ڪجھ عرصو محمد خان بجير صحافت سان به سنڌ اخبار ۾ سلاهاڙيل رهيو پر هن پنهنجي ڪيل صحافت ۽ سياست ۾ به عوام جي اجتمائي مسئلن کي وڌيڪ اهميت ڏني،محمد خان بجير ٿورڙي وقت ۾ حالتن کي نظر ۾ رکندي صحافت وارو پاسو ڇڏي پيپلزپارٽي جو سچو جيالو بڻجي ويو ۽ ڄاڻايل سمورن هم خيال دوستن پيپلزپارٽي جا همدرد هوندي مڪمل صحافت واري پاسي کي ڌيان ڏنو، ان ڏکي دور کان وٺي ارباب حامين کي پولنگ تي مخالف ۾ ايجنٽ بيٺو هو ان کان وٺي پنهنجي زندگي جي آخري ساه تائين پيپلزپارٽي سان جڙيل رهيو،محمد خان بجير جڏهن پارٽي جوائن ڪئي ڏکي مان ڏکيو دور هو جيڪو ووٽ نه ڏيندو هو يا ٻي پارٽي جو جهنڊو کڻي نعرو هڻندو هو ته جيل به ڀوڳيندو هو هن پارٽي جي سچي جيالي ڏکي دور ۾ ڳوٺ ۾ جڏهن پارٽي قيادت جي چوڻ تي ايجنٽ بيٺو هو تڏهن ڳوٺ واسي پڻ اربابن جا ايجنٽ مقرر ٿيل هئا جنن سامهون ويهي ڌاندلي ذريعي هن جي مخالفت ڪندا رهيا ۽ گڏوگڏ ڪيترن سائيڊن تان ايجنٽ نه بيهڻ لائي ڌمڪيون ملنديون رهيون پر پنهنجي ڪيل فيصلي تي اٽل ٿي بيهي رهيو هو پوي هار جيت نصيب جي هئي اهاسياست جي سفر جي محمد خان بجير جي شروعات هئي سياسي سفر ۾ اڪيلو ٿي همدرد ساٿين جي صلاح مشهورن سان مٿس داخل ٿيل ڪوڙن ڪيسن جو مقابلو ڪندو رهيو جيئن عام چوڻي آهي ته فتح حق جي ٿيندي آهي محمد خان بجير به فتح حاصل ڪري سرخرو رهيو محمد خان بجير جي وڏي ڪاميابي اها ئي هئي جنهن کان پوي پارٽي قيادت سان گڏ پنهنجي ڪردار سان انهن مخالفتن کي منهن ڏئي هڪ پنهنجو الڳ پارٽي قيادت ۾ نالو پڻ ڪمايو هو جيڪو پارٽي قيادت اڄ پڻ ياد ڪري رهي آهي ٿرپارڪر ۾ هن وقت پيپلزپارٽي سان ڪيترائي لاڳاپيل دوست آهن پر محمدخان بجير انهن مان هڪ هيو، ڇو ته، جس دور م جيناں مشکل هو اس دور جينان لازم ہوتا ے , هن حالاتن جو ڄمي مقابلو ڪيو هو جيڪو هڪ سچي ۽ سٺي باڪردار انسان دوست جي وڏي نشاني آهي، اهڙن ڏکين ڏينهن مان گذري اسان دوستن کي احساس پڻ ڏياريندو هيو ته غربت ڇا آهي هن پنهنجي زندگي سڀ ڪجھ هوندي به غربت سان گذاري سڀني ننڍن وڏن دوستن امير هجن چاهي غريب هجن سڀني کي برابري جي بنياد ڏسي انتهائي پيار مان مان پڻ ڏيندو هيو هن جي فقيراڻي طبيعت مان اسان سميت ڪيترائي دوست مطفق پڻ هوندا هيا جڏهن به فري ماحول هوندو هيو ته خوب ڪچهريون ٿينديون هيون هن ڀائر جهڙي دوست جي ڪچهري هميشه احساس ڏياريندڙ هوندي هئي هن زات پات کان هٽي انسانيت سان محبت ڪئي جيڪو اڄ به انسان دوستن جي دلين ۾ ايئن ياد تازي ڪري بيٺل آهي جڻ سڀني جو ڀائرن جهڙو ڀائر هيو هن وقت دنيا جي وڏي پئماني تي سوشل ميڊيا کي به ڏٺو ويندو آهي ته هر پاسي محمد خان بجير جي لائي آلين اکڙين سان پنهنجو اظهار ڪندي نظر اچن ٿا، سوشل ميڊيا توڙي پرنٽ ميڊيا تي جيئن نظر پئي ٿي ڄڻ آنهن اندر مان نڪري ٿي پئي، هر ماڻهو پنهنجي ڏکايل خيالن جو اظهار ڪندي نظر اچن ٿا ، محمد خان بجير سان مختلف معاملن تي خوب ڪچهريون ٿينديون هيون ، هن جي جدوجهد سان تمام ٿورڙي وقت ۾ ڪيل جيڪي ڪم آهن اهو ڳوٺ واسين کان وسري نٿا سگهن ، جنهن ۾ خاص طور تي برادري سطح تي ننڍن وڏن مسئلن کي پاڻ ۾ ويهي حل ڪرڻ جيئن ڳوٺ جي اجتمائي ڪمن ۾ اسپتال ، آروپلانٽ ، روڊ ،مقام جي چو ديواري سميت ڪيترائي ڪم آهن جيڪي پارٽي ليول کان هٽي ڪري ڪيا ھئا جنهن مان فائدو حاصل ڪرڻ سان گڏ ياد تازي ٿي ويندي آهي جنهن کانپوي آلين اکين سان ڳوڙها ڳاڙڻ کانسوائي ڪجھ به ناهي بچندو اڄ محمد خان بجير کي پنهنجي جيجل ماء ،ڀائر ، ڀينرون،۽ عزيز رشتيدار، دوست پاڻ جي وچ ۾ نه رهڻ جو ڏسي اداس نظر اچن ٿا جنهن کانپوي دعائن کانسوائي ڪجھ به ناهي بچندو بس اسان مالڪ سائين کان دعا ٿا ڪيون ته ڀائرن جهڙي ڀرم رکندڙ پياري دوست کي الله پاڪ جنت الفردوس ۾ جائي نصيب فرمائي ۽ پوئيرن کي صبر ڪرڻ جي توفيق ڏي ،پاڪستان پيپلزپارٽي جي قيادت کي گهرجي ته سچي جيالي جي ڏنل قربانين کي ياد رکندي سندن ڪٽنب سان سهڪار ڪندي رهي جيئن اهڙن سچن جيالن جو قدر ٿي سگهي،
اوهان مرڪي ملي آخر هليا ويا شهر پنهنجي ڏانهن ،
اسان جي ڳالھ جي ڳل تان اڃان ڳوڙهو ڳڙهي ٿو پيو ،
وڇڙيو ضرور آهين پر وسريو ناهين پيارا،
(صحافي صدام بجير ڳوٺ مالهيار بجير مان لکي ٿو )
0 Comments